Thursday, 10 August 2017
Tuesday, 28 February 2017
اوھان کي یار ساریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
اوھان کي یار ساریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
جي ماضي تي ویچاریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
اھي راھون، اھي رستا، جنین تي گڈ ھلیا ھئاسین،
تنین ڈي اج نھاریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
امیدن جي سھاري تي عمر "بخاري" گذاري پیو،
امیدن کي سمھاریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا..
جڏهن به ڪنهن ساحل تي
جڏهن به ڪنهن ساحل تي لهرون جي اچ وڃ ڏسين
ته منهنجون يادون نه وسارجان،
جڏهن به ڪنهن شهر جي شام ۾
آسمان تي پکين جون ٽوليون ڏسين
ته منهنجون ٻوليون نه وسارجان
۽ جڏهن به رات جا تارا توکي
منهنجي لڙڪن جي ياد ڏيهارين
ته نه روئجان
ڇو ته محبت تنهنجي مرڪ سان آ....
آئون اڃايل ڀِٽ ٿر جي
آئون اڃايل ڀِٽ ٿر جي،
تون ڀريل بَدلي برسات جي،
وڏ ڦڙي ٿي وسي جي پوين،
مان گلاب جيان ٽڙي پوان!
Wednesday, 22 February 2017
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تُنهنجي جوت جلائي ويا
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تُنهنجي جوت جلائي ويا
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پن پن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
جن بن بن بين وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا.
مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا.
مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا،مون سوريءَ تي سومان ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويا!
مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇاڇا مڙس مٿير ڏٺا!
جي ڪيئي سج اُڀاري ويا، جي ڪيئي سج سمائي ويا.
مون ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سنڌ ڏٺآ،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا!
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.
ڪلهه رات مسافر آيا ها، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇاڇا ڄرُ ڪا ڄاڻ ڪري! هو ڪيڏا مچ مچائي ويا.
ڇا ڇا نه وسيهر ـ ونگ هيا! پر نانگاير نسنگ هيا!
جي تنهنجو روپ نکاري ويا، جي تنهنجي سيندڌ سجائي ويا.
ڇانعرا ها، ڇا نينهن هيا! هو مڙس هيا يا شينهن هيا!
جي ڏونگرـ ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس نه ويندا مور منان،
جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سرو سچ ٻڌائي ويا.
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس نه ويندا مور منان،
جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سارو سچ ٻڌائي ويا.
هو بادل بادل آيا ها، جن جل ٿل ڀال ڀلايا ها.
اي کيت کِڙو، اوشال ٽڙو! هو پنهنجا مينهن وسائي ويا.
ويا پريت ڏئي هو پاڻيارا، اڄ ڪينجهر تن جا ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اُڃ اجهائي ويا!
هو پيار ـ پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اُڏامي ويا !
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هو پنهنجي جوت سمائي ويا
اڄ ڇو هه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻول انهن جا ٻوليءَ ۾ ،
اي ڌرتي ؟ تنهنجي جهوليءَ ۾ جي سوريهه سيُس ڇپائي ويا.
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي جهوليءَ جهوليءَ گل ڦل!
ويا سانول ڇا ڇا ارڏا ڪنڌ، اڏي! جي توکي ميندي لائي ويا.
هي برهه به ڪوئي بڙ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جڙ آهي!
مون اُن ۾ ڪيئي ڏار ڏٺا، جي ڇانو ڪري، من ڀائي ويا.
اي آري! تنهنجي اُڍ هئي، پر ڏنگر ڏاڍو ڏاڍ ڪيا !
هي تنهنجا پيارا پيراها، جي پنهنجو پنڌ پڄائي ويا
ڪيئن تو کي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
آٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.
هيءَ جانِ ته اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ ،
مون اهڙا سو سانو نت ڏٺا، جي پنهنجو هٺ هلائي ويا.
ڏس! باک ڀليري آئي آ، ڏس! سنڌ مٿان سرهائي آ!
ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين، جي مارو ماڳ مٽائي ويا!
هٿين خالي اسين ظالم
هٿين خالي اسين ظالم سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو
اميد آهي، يقين آهي ته کٽينداسين، کٽڻ ڏسجو
جبل ايندا اڳيان، جبل جا سينا ڏاري وجهنداسين
بحرحال اسين منزل ڏي وڌنداسين، وڌڻ ڏسجو
سون، بازار مان ڳنهي
سون، بازار مان ڳنهي وٺبو آ،فيض مرشد کان پني وٺبو آ،جو به سمجهو ته اوهان جو حق آ،حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ،
رت کي لگي باھ
"رت کي لگي باھ رشتن کي ڇا ٿي و یو آھ..
"غیرن تي معیار ڪهڑي پنهنجن کي ڇا ٿي
و یو آھ.
"مسڪرائي ملندا ھئا جي محبتي،
اج انھن کي ڇا تھی ویو آھ..
"ڪنھن ڪنھن جون
ڪند ین شڪایتون اي طالب المولا .
تون دشمنن کي ڇڏي ڏي...
ڈس سڄٹن کي ڇا ٿي ویو آھ..
Subscribe to:
Posts (Atom)