اسان تہ ویٺاسین تارن جی پناھ م
چنڊ کیي ڏٺو تہ تنهنجي یاد اچي وئي..
اوھان کي یار ساریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
جي ماضي تي ویچاریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
اھي راھون، اھي رستا، جنین تي گڈ ھلیا ھئاسین،
تنین ڈي اج نھاریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا،
امیدن جي سھاري تي عمر "بخاري" گذاري پیو،
امیدن کي سمھاریوسین تہ دل جا درد اتھلي پیا..
جڏهن به ڪنهن ساحل تي لهرون جي اچ وڃ ڏسين
ته منهنجون يادون نه وسارجان،
جڏهن به ڪنهن شهر جي شام ۾
آسمان تي پکين جون ٽوليون ڏسين
ته منهنجون ٻوليون نه وسارجان
۽ جڏهن به رات جا تارا توکي
منهنجي لڙڪن جي ياد ڏيهارين
ته نه روئجان
ڇو ته محبت تنهنجي مرڪ سان آ....
آئون اڃايل ڀِٽ ٿر جي،
تون ڀريل بَدلي برسات جي،
وڏ ڦڙي ٿي وسي جي پوين،
مان گلاب جيان ٽڙي پوان!
تو اکین جی وطن کی رکیو بند مون لاء ،
مون تہ تنهنجی اکین م رهٹ تهی گهریو،
تو هوا جیئن همیشا رکیا ویر مون سان،
مون تہ هر روز تو م رهٹ تهی گهریو،
تون تہ هلندی ئی هتڑو چهڈائی وئین،
مون تہ تنهنجی بانهن م مرٹ تهی گهریو.
تنهنجي منهنجي نظر ۾،
بس ايترو ئي فرق هو،
تون وقت گذارڻ پئي چاهيو ۽ آئون زندگي..
© 2011 SINDHI POETRY - Designed by Mukund | ToS | Privacy Policy | Sitemap